پير وفا راشدي ڊاڪٽر

پير وفا راشدي، ڊاڪٽر: ڊاڪٽر، پير وفا راشدي ولد گلزار احمد خان راشــدي 1926ع ۾ ڪـلـڪـتـي ۾ ڄـائــو. ابـتـدائـي تـعليــم مـدرسـه عـلميه ڪلڪتي مان حاصل ڪيائين. 1925ع ۾ سندس شادي ٿي. 1946ع ۾ ڪلڪتي يونيورسٽيءَ مان گريجوئيشن ڪيائين. 1947ع ۾ پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ پنهنجي گھر وارن کي وٺي ڍاڪا ۽ بمبئيءَ ۾ رهيو. ان کانپوءِ 1950ع ۾ لاهور آيو، جتي پهرين فري لانس جرنلسٽ جي حيثيت سان ڪم ز۽ تاليف، ادبي تحقيقات ۽ شعري تخليقات کي پنهنجي روزيءَ جو وسيلو ٺاهيائين. 1953ع ۾ سندس بدلي لاهور کان حيدرآباد ڪئي وئي. حيدرآباد ۾ گھڻو عرصو رهڻ کانپوءِ مستقل طور تي ڪراچيءَ هليو ويو، جتي 1991ع تائين ”انجمن ترقي اردو“ ۾ سينئر اسڪالر جي حيثيت سان رهيو ۽ 1992ع ۾ انجمن طرفان ”نشان حسن ڪارڪردگي“ اوارڊ به مليس. اهو پهريون ڀيرو نه هيو، بلڪ ان کان پهرين به 1964ع ۾ ”سنهرا ديس“ جي اشاعت تي فيلڊ مارشل محمد ايوب جي دؤرِ حڪومت ۾ هن کي بهترين ليکڪ قرار ڏنو ويو هو. صدر 1966ع ۾ پنهنجي هٿن سان نقد انعام ۽ توصيفي سند سان نوازيو. ان کانپوءِ سنڌ يونيورسٽي ان جي تحقيقي مقالي ” اردو ڪي ترقي ۾ اولياء سنڌ ڪا حصه“ جي پذيرائي ڪئي. 1980ع ۾ هن کي پي. ايڇ. ڊي جي ڊگري ڏني. 1985ع ۾ هن حج ڪيو. هن کي انگريزي، فارسي، سـنـڌي، پنجابي، بنگالي ٻوليءَ تي مهارت هئي. هن گھڻائي مقالا ۽ مضمون لکيا ۽ ترجما ڪيا، جيڪي اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيا جن ۾ ڪلڪتي جي اخبـارن ”آزاد هـنـد“، ”عـصـر جـديـد“، ”مـارننـگ نيـوز“، ”ماهوار جديد اردو“،”هـفـت روزه نظام“، ٽمـاهي ”روح ادب“، مـاهنـامه ”انـشـاءِ“، ”لاهـور روزانه“،”نـواءِ وقـت“، مغـربـي پاڪسـتان ۾ هفتيـوار ”چـان“، ”خيام“، ”استقلال“ ۽”قنديل“.ڪراچيءَ ۾ روزانه ”جنگ“، ”نواءِ وقت“، ”جسارت“، ”حريت“، حيدرآباد سنڌ ۾ ”الولي الرحيم“ ، سنڌيءَ ۾ ماهوار ”نئين زندگي“ ۽ ڄامشوري مان شايع ٿيڻ واري ٽماهي ”مهراڻ“ ۾ شامل آهن. ماهوار ”الانسان“، ”رعنائيان“، ٽماهي رسالو ”محراب بو منبر“ جو اعزازي ائڊيٽر ڪراچيءَ ۾ آهي. اڄڪلهه جو هلندڙ علمي ۽ ادبي ادارو ”دائره علم و ادب پاڪستان“ جو جنرل سيڪريٽري، تعليمي اداري ”ماڊرن ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن سوسائٽيءَ“ جو باني به آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو